لاهور(م ڊي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل  باجوه جي چوڻ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جو انڪشاف ڪيو آهي،سندس چوڻ آهي ته  هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جَي مشوري تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون صوبائي اسميبليون ٽوڙيون هيون، هڪ انٽرويو دوران عمران خان چيو ته صدر علوي وٽ ٿيل ملاقات ۾ باجوه چيو هو ته جيڪڏهن نيون چونڊون چاهيو ٿا ته پنهنجيون حڪومتون ختم ڪريو، جنهن بعد مون ٻئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، هن الزام هڻندي چيو ته اڳوڻي آرمي چيف باجوه ملازمت وارَي مُدي ۾ واڌ جي رٿا بندي ڪئي هئي، جنرل باجوه جو ڪو به نظريو نه هو، ڄاڻ هجڻ باوجود جنرل باجوه چورن کي اين آر او ڏيڻ تي راضي ٿي ويو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊن لاءِ 14 مئي جي  تاريخ ڏني آهي، حڪومت کي ان تاريخ کان اڳتي وڃڻ نه ڏينداسين، چونڊن کان بچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، عمران خان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ منهنجون ڪالز ريڪارڊ ڪري ليڪ ڪيون ويون، ڇا ملڪ جي ايجنسين کي اهڙو عمل ڪرڻ گهرجي؟ دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو. حڪومت سان ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ  جو اختيار اسد قيصر نه پر شاهه محمود قريشي کي ڏنو آهي، ڳالهين لاءِ اڃا تائين هن سان رابطو ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اقتداري ڌر اسان کي سموري مُلڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊن جي ڪا تجويز  پيش ڪئي، جنهن جي سُپريم ڪورٽ منظوري ڏني ۽ وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ته جولاءِ ۾ گڏيل چونڊون ٿي سگهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ ويهي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا.ٻئي پاسي سينئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان  چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 27 تارخ تي تمام وڏو فيصلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هاڻوڪن حڪمرانن سازش ڪري ملڪ جي قيادت سنڀالي آهي. ملڪ ۾ ان قسم جون حالتومن اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺيون. هن چيو ته اسان جي دور ۾ دولت ۾ اصافو ٿي رهيو هو. موجوده دور ۾ ترقي جي شرح 0.6 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. هي ماڻهو اليڪشن کان ڊنل آهن. انهن پنهنجا 1110 ارب رپيا معاف ڪراائي ورتا آهن عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ ٺاهڻ جو مقصد انصاف قائم ڪرڻ ۽ قانون ۽ دستور جي حاڪميت هئي. اسان 1996 کان اڄ تائين جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته قانون کان مٿانهون طبقو ملڪ ۾ فطاعيت ۽ وحشت جي تاريخ لکي رهيو آهي. قانون ۽ بنيادي حقن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن. بي گناهه نوجوانن کي اغوا ۽ انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي. آئين کان منهن موڙڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.  عمران خان وڌيڪ چيو ته چونڊون منهنجي يا تحريڪ انصاف جي نه پر ملڪ جي ضرورت آهن. اسيمبليون ٽوڙڻ سئو سيڪڙوآئيني جمهوري رستو آهي. آئين 90 ڏينهن کان وڌڻ جي اجازت نٿو ڏئي. سپريم ڪورٽ قوم جي اميدن جو مرڪز آهي. ملڪ ۾ جاري بحران جو واحد حل جمهوريت ڏانهن وڃڻ آهي.  هن احتجاج جو چتاءُ ڏيندي چيو ته اسين پر امن احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري اينداسين.  ملڪ ۾آئين جي حيثيت خمت ٿيڻ بعد قانون ختم ٿي چڪو آهي. پنهنجي ملڪ ۽ آئين کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪرنداسين. توهان پنهنجي ملڪ ۽ ٻارن کي بچائڻو آهي ته تياري ڪريو. ٻئي طرف اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ پنهنجي ئي چيئرمين عمران خان جي واضح بيان ته مون باجوه جي چوڻ تي اسيمبليون ٽوڙيون جي ترديد ڪندي چيو آهي ته لفافا صحافي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيا آهن. پارٽي جي ٽوئٽر هينڊل تي بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي. هنن هڪ وڊيو ڪلپ به شيئر ڪيو جنهن ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته عمران چوي ٿو ته مون کي پي ڊي ايم وارا چوندا هئا ته اسيمبليون ٽوڙيو، مون کي اعتبار نه هو، صدر عارف علوي سان گڏ ملاقات ۾ جنرل باجوه مون کي چيو ته چونڊون چاهيو ٿا ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙيو مون ٽوڙي ڇڏيون.