دبئي(اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ عمر گل چيو آهي ته بابراعظم ۽ رضوان ورلڊ ڪلاس رانديگر آهن هنن خلاف پلان تيار ڪيو آهي، هنن خلاف جيڪو پلان جوڙيو آهي ڏسئون ٿا بالر ان تي ڪيئن ٿا عمل ڪن. عمر گل چيو ته بابراعظم جو رنز نه ڪرڻ افغانستان لاءِ سٺو ثابت ٿي سگهي ٿو، بابراعظم ۽ محمد رضوان ڪريز تي هجن تي بيٽنگ ڏسندي سٺو لڳندو آهي. عمر گل وڌيڪ چيو ته بيٽرز جيان پاڪستان خلاف ميچ ۾ بالرن لاءِ پلان ٺاهيو آهي، شاهين آفريدي جي ڪمي محسوس ڪئي پئي وڃي اهو پاڪستان جو تجربيڪار بالر آهي. هن چيو ته هر رانديگر کي پنهنجي رول جو علم هئڻ گهرجي، جڏهن مان کيڏندو هئس ته ڊيٿ جا اوور ڪرائڻ منهنجا رول هو، نسيم شاهه سان گڏ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز ۾ رهيو آهيان، نسيم شاهه ۾ بهتري آئي آهي، نسيم شاهه سان نيڪ خواهشون گڏ آهن. هن چيو ته شاهين آفريدي کان سواءِ به بالر باصلاحيت آهن ۽ تيز بالنگ ڪرائي رهيا آهن، نسيم شاهه، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حسنين به نوجوان آهن ڪنهن جو متبادل ٿيڻ لاءِ چوڻ جلدي هوندي.