لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر سڪندر بخت بابراعظم جي ڪپتاني تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته اهو هڪ “سيچويشنل ڪپتان” آهي، جيڪو لکي ايندو آهي ان فارمولي تي هلندو آهي، آخري ميچ ۾ چيپمين خلاف افتخار احمد کان اوور ڇو نه ڪرايو ويو ڪو پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته محمد رضوان پنهنجي اسڪور لاءِ سلو بيٽنگ ڪئي، هن کي گهرجي ها ته اهو وڏيون هٽس لڳائي ها. اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ چيف سليڪٽر محمد وسيم به بابراعظم ۽ محمد رضوان تي تنقيد ڪندي چيو ته مونکي لڳي ٿو ته ٻئي بيٽر پنهنجي لاءِ کيڏڻ تي ڌيان ڏين ٿا جنهن سان ٽيم کي شڪست کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.