اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر شاهد آفريدي بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو کي ڪوهلي ۽ اسٽيو سمٿ کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي آل رائونڊر کان هڪ مداح سوال ڪيو ته ويرات ڪوهلي، بابر اعظم ۽ اسٽيو سمٿ مان ڪنهن جي ڪور ڊرائيو کي پسند ڪندا آهيو؟، جنهن جو اڳوڻي ڪپتان شاهد آفردي جواب ڏنو ته منهنجي نظر ۾ ان فهرست ۾ پهريون نمبر بابر، ٻيو نمبر ويرات ۽ ٽيون نمبر اسٽيو سمٿ جو آهي، بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو آهي.