ڪراچي ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ئي ڏينهن ٻه اهم اعزاز ماڻي ورتا آهن. ڪالهه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان بابر اعظم کي سال 2022ع جو بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ  قومي ڪپتان هاڻ سرگارفيلڊ سوبرز ڪرڪيٽر آف دي ايئر 2022ع جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. بابر اعطم اِهو اعزاز کٽڻ وارو ٻيو پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ اِهو ايوارڊ 2022ع ۾ شاهين شاهه آفريدي پنهنجي نالو ڪيو هو.