راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي ليگ اسپنر شاداب خان جي والدين سان ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي. تفصيل موجب نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ وقفي دوران ڪپتان بابر اعظم ليگ اسپنر شاداب خان جي والدين سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڪپتان شاداب جي والد سان ڳلي مليو ۽ سندس خيريت پڻ معلوم ڪئي، ملاقات جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي صارفين جا دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه صارفين لکيو آهي ته رانديگرن کي هڪ ٻئي سان ائين ئي رهڻ گهرجي هڪ ٻئي جي والدين جي عزت ڪرڻ گهرجي.