اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بابر اعواڻ جي گهر  تي ڇاپي بعد هاءِ ڪورٽ پاران ڪنهن به وڪيل کي پيش ٿيڻ کان نه روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، وڪيل عليم عباسي چيو ته بابر اعواڻ پيش ٿيڻو آهي پر پوليس طرفان روڪڻ جو خدشو آهي، بابر اعواڻ کي لارجر بينچ سامهون پيش ٿيڻو آهي پر پوليس طرفان ڏکيائيون آهن. چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته عدالت ايندڙ ڪنهن به وڪيل کي نه روڪيو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن.