دبئي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته بابراعظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. وسيم اڪرم چيو آهي ته بابراعظم جو تجربو اڃا گهٽ آهي، موجوده صورتحال ۾ اسان کي ڪپتان کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، سپورٽ ڪرڻ سان فرق پوندو. هن چيو ته هڪ قوم طور تي اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت نه هوندي آي اسان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڪافي آهيون، وسيم اڪرم چيو ته جنهن طريقي سان ڪيترائي ماڻهو بابراعظم جي پويان پيل آهن اها تمام پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي، پنهنجو مذاق اڏائڻ بند ڪريو، ان سان منهنجي دل به ڏکندي آهي. وسيم اڪرم چيو ته بابراعظم کي 2، 3 سال موقعو ڏيو، مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اهو بهترين ڪپتان ثابت ٿيندو. وسيم اڪرم چيو ته قيادت ڪرڻ سان ئي ايندي آهي ڪو نيچرل يا پيدائشي ڪپتان نه هوندو آهي.