لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم آءِ سي سي طرفان ڪيپس ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي بابراعظم آءِ سي سي طرفان مليل ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جون ڪيپس ملڻ جي تصوير شيئر ڪئي آهي. بابراعظم کي آءِ سي سي طرفان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمز آف دي ايئر ۾ شامل ڪيو ويو هو. بابراعظم جو چوڻ آهي ته سخت محنت جو صلو ضرور ملندو آهي، بابراعظم هن وقت ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو نمبر ون بيٽر آهي، ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هن جو چوٿون نمبر آهي.