لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ون ڊي سيريز لاءِ نائب ڪپتان شاداب خان جي غير موجودگي ۾ شان مسعود کي نائب ڪپتان بڻائڻ جي فيصلي کان لاعلم هو. بابراعظم ان معاملي تي عبوري سليڪشن ڪميٽي جي هڪ ميمبرن سان شڪايت به ڪئي آهي ته ان فيصلي بابت مونسان ڪوبه صلاح مشورو نه ڪيو ويو. ڪپتان بابراعظم جو موقف آهي ته فيصلي کان اڳ جيڪڏهن اعتماد ۾ ورتو وڇي ها ته وڌيڪ مناسب هجي ها. بابر کي ٻڌايو ويو ته شان مسعود کي نائب ڪپتان انائونس ڪرڻ جو حڪم مٿان آيو هو، شان کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو فيصلو مينجمينٽ ڪميٽي ڪيو.