ملتان(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ون ڊي ۾ بابراعظم جي ٻاراڻي حرڪت سبب قومي ٽيم کي 5 رنز جو نقصان ٿيو. ٻي ون ڊي ۾ بابراعظم گلوز پهري فيلڊنگ ڪئي جنهن تي پاڪستان کي 5 پنالٽي رنز ڏيڻيون پئجي ويون. ڪرڪيٽ قانون موجب وڪيٽ ڪيپر کان سواءِ ٻئي ڪنهن فيلڊر لي گلوز پهرڻ جي اجازت ناهي هوندي. ڪپتان جي اهڙي غلطي تي ويسٽ انڊيز کي 5 پنالٽي رنز ڏنيون هيون. مقابلي هڪ طرفو هئڻ سبب ڪو فرق نه پيو ننهن چوٽيءَ جي مقابلي ۾ ڪپتان جي اهڙي غلطي کيس ڳچيءَ ۾ پئجي پئي سگهي.