ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان انگلينڊ کي 7 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنز ٺاهيون. معين علي 23 بالن تي 55 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي نمايان رهيو. جڏهن ته بين ڊڪيٽ 43 ۽ فل سالٽ 30 رنز ٺاهيون، هيري بروڪ 31 ۽ ايليڪس هيلز 26 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف 2-2 ۽ محمد نواز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 19.3 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ورتو. بابراعظم 110 ۽ محمد رضوان 88 رنز جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا.