اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پارلياماني ڪميٽي اربع تي اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بابت چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان پيش ڪيل تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اليڪشن ايڪٽ جي تجويز ڪيل ترميمن جي جائزي لاءِ بڻايل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي شروعات ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حامد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اداري کي ڏنل اختيار واپس ورتا وڃن، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ون ۽ 58 ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان ڏنل تجويز ڪيل ترميمن بابت هن چيو ته ايئن ٿو لڳي ته 57 (1) ۽ 58 جون مناسب پاڙون نه آهن، جنهن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر تاج حيدر چيو ته اهي ٻئي آئين سان ٽڪراءَ ۾ نه آهن، هن سوال اٿاريندي چيو ته ڇا اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي چونڊن کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جا اختيار ڏئي رهيا آهيون؟ نئين رول کي اصل تاريخ کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪنوينر ڪميٽي نويد قمر چيو ته جيڪڏهن آئين 90 ڏينهن جو چوي ٿو ته ايترن ئي ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، سينيٽر تاج حيدر چيو ته چونڊن ۾ دير جا موزون سبب هجڻ گهرجن، هن تجويز ڏيندي چيو ته صدر کان اختيار اليڪشن ڪميشن کي ته ضرور ڏنو وڃي پر صدر کي به ان حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي، نويد قمر چيو ته آئين ۾ جيڪو ڪجهه لکيل آهي ان جي دائري ۾ رهي ڪري اليڪشن ڪميشن شيڊول ۽ تاريخ ڏئي، بنيادي طور تي ان جو ڪم اليڪشن جي تاريخ ۽ شيڊول جو تعين ڪرڻ آهي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ نويد قمر کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي سندن مدد ڪري ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي ويندي، ڪا به شئي ائين کان مٿانهين نٿي ٿي سگهي، جيڪا به تبديل ڪريو اها آئين جي تابع هجي، اجلاس دوران قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جڊيشل ريويو/عدالتي جائزو بچائيندو به آهي ۽ کائيندو به آهي. اليڪشن ڪميشن جي آرڊر جي ان کان وڌيڪ مذاق نٿي ٿي سگهي. منهنجي تجويز اها هئي ته عدالتن کي اسٽي کان روڪيو وڃي، هن خط جو پيراگراف ڇهه توهين بابت آهي، ڪا به عدالت توهين جي ڪارروائي کي روڪي نٿي سگهي. ان تي قانون واري وزير چيو ته اسان وٽ پنج هائي ڪورٽ آهن، هڪ هڪ معاملي ۾ مختلف هائي ڪورٽس ۾ ڪيسز پيا آهن، هاڻي اها سياسي جماعتن جي مرضي آهي ته اهي ڪنهن به ڪورٽ ۾ هليا وڃن، سينيٽر تاج حيدر چيو ته اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي، جو اليڪشن ڪميشن جو وقار بحال رهي، ڪا به عدالت توهين بابت ٻڌڻي کي روڪي نه سگهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جا هٿ ٻڌا ويا آهن، توهين ڪندڙن خلاف به ڪا ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، ان کانپوءِ ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر جي تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ياد رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه طرفان چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي لکيل خط ۾ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ون ۽ 58 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ۽ پارليامينٽ جي سامهون منظوري جي لاءِ پيش ڪرڻ جو به چيو ويو هيو.