نوشهروفيروز: ذريعن جو چوڻ آهي ته اڌ شھر جو گندو پاڻي مھراڻ ڪالوني ۾ لڳل ڊسپوزل ذريعي ڪڍيو ويندو هو پر علائقي جي ھڪ بااثر شخص اھا ڊسپوزل بند ڪرائي ڇڏي آهي، جنھن ڪري اھا ڊسپوزل ڪيترن ئي مھينن کان بند پيل آھي، جنھن ڪري مٺياڻي روڊ ٻن ڪلوميٽرن تائين وڏي عرصي کان مڪمل طور تي گندي پاڻي  جي لپيٽ ۾ آيل آهي، گندگي سبب ڄاڻايل علائقي جا ماڻھو وڏو عذاب ڀوڳي رهيا آھن، ان سلسلي ۾ انتظاميا جو چوڻ آهي ته مھراڻ ڪالوني وارو ڊسپوزل ھلائي ان جو ڇوڙ سرحل شاخ ۾ ڪرڻ لاءِ پبلڪ ھيلٿ سان گڏ منصوبو جوڙي ڪم شروع ڪرايو ويو آھي.