دادلغاري: دادلغاري جي 4 نمبر کوھ واري علائقي ۾ مھر برادري جي بااثر وڏيري، نوجوان شفيع محمد مهر مٿان مبينا طور گاڏي چاڙهي نوجوان جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي، نوجوان کي رحيم يار خان اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. زخمي نوجوان جي ڀاءُ استاد ڪيهر مهر الزام لڳائيندي چيو ته برادري جي وڏيري حاجي خان مھر ڪاوڙ ۾ اچي منهنجي ننڍي ڀاءُ شفيع محمد مٿان گاڏي چاڙهي آهي، ڀاءُ کي رحيم يار خان کڻي وڃي رھيا آھيون، سندس ڄنگھه ڀڄي پئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او کينجهو ٻڌايو ته ٿاڻي تي ڪوبه فريادي ناھي آيو، معاملي جو اطلاع ملڻ تي نوجوان جي ڳوٺ پھتل آھيون، جاچ ڪيون پيا.