اڻپڙهيو آهين، شادي نه ڪنديس: ڪنوار جو شادي کان انڪار، گهوٽ روئي ڏنو

0
972
اڻپڙهيو آهين، شادي نه

ڀارت ۾ معمولي ڳالهه تان  شادي کان انڪار ڄڻ ته ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، تازو ئي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن گهوٽ کي روئاري ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا تي گهوٽ ڪنوار جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪنوار شادي تقريب ۾ ئي نوجوان کي اڻپڙهئي جو طعنو ڏئي شادي کان انڪار ڪري ٿي

ڪنوار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن گهوٽ پڙهيل لکيل هجي ها ته انگلش ۾ ڳالهائي ها، پر هو اڻپڙهيو آهي، تنهنڪري شادي کان انڪار ڪيو

محفل ۾ موجود شخص ڪنوار کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙو مسئلو هو ته پهريان ئي چئو ها، جنهن تي ڇوڪري چوي ٿي ته هوءَ پنهنجي ماءُ کي اڳ ئي شادي کان انڪار بابت ٻڌائي چڪي هئي، پر پئسن جي ڪري کيس شادي تي مجبور ڪيو ويو