ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا اشنا مردن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن توهان جي عورت دوست توهان جي اڻوڻندڙ قسم جي ڪمينٽس تي ڪنهن به قسم جو رد عمل نٿي ڏئي ته ان جو مطلب آهي ته هوءَ نظر انداز ٿي ڪري جيئن توهان جي دوستي خراب نه ٿئي يا دوستي کي نقصان نه پهچي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اشنا شاهه چيو ته عقل مند لاءِ اشارو ڪافي آهي،

ان اشاري کي سمجهي عقلمند ۽ بهترين سوچ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ وڌيڪ کين تنگ نه ڪيو وڃي. ڪجهه عورت واهپيدارن اشنا شاهه جي پوسٽ جي کليل حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه مردن پاران ان ٽوئيٽ جي سخت مخالفت ڪئي وئي.