اڳ ئي کوٽ وري اربين رپين جي سرڪاري ڪڻڪ بھ خراب

0
195
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ھڪ طرف سڄي سنڌ ذري گھٽ ٻڏي پئي آھي ٻئي طرف انھي پاڻي جي نيڪال جو ڪو بندوبست ٿيندي نظر نھ ٿو اچي.ٻوڏ متاثر امداد جي آسري بکون ڪاٽي رھيا آھن انھن جا فصل مال متاع لڙھي يا تباھھ ٿي وياآھن ،مٿان وري ايندڙ فصل ٿيڻ جو آسرو بھ گھٽ آھي ڇاڪاڻ تھ 15 آڪٽوبر تائين زرعي زمين مان پاڻي نيڪال نھ ٿيو تھ ڪڻڪ پوکڻ ممڪن نھ ھوندو، جيڪڏھن ڪجھھ زرعي زمين مان پاڻي نڪتو بھ تھ ايتري پوکي نھ ٿي سگھندي  جو سڄي سنڌ جي ڪڻڪ جي ضرورت پوري ٿي سگھي.اڳ ئي سنڌ سرڪار ڪڻڪ خريداري جو جيڪو ٽارگيٽ رکيو ھو اھو بھ پورو نھ ڪري سگھي مٿان وري ٻوڏ اچي رھيل سھيل ڪسر بھ پوري ڪري ڇڏي آھي.ھاڻي وري خبرون اھي اچي رھيون آھن تھ سرڪار جيڪا ڪڻڪ خريد ڪئي ھئي اھا بھ برساتن ۾ گھڻو ڪري خراب ٿي وئي آھي جنھن ڪري ايندڙ وقت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو وڏو بحران پيد ٿيڻ جو خطرو آھي .ھن وقت ٻوڏ متاثر بيمارين جي ور چڙھيل آھن لڳي ٿو ڪجھھ وقت کان پوءِ اھي بکن ۾ بھ پاھھ ٿيندا، ڇاڪاڻ تھ ھن وقت بھ انھن کي رليف ۾ کائڻ پيئڻ جو سامان ايترو نھ پيو ملي جيتري انھن جي گھرج آھي. جيڪڏھن ڪڻڪ جو بحران ٿيو تھ نھ رڳو ٻوڏ متاثر پر سڄي سنڌ ان جو شڪار ٿيندي جيڪا انتھائي خطري ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالھھ آھي.

ڪجھھ ڏينھن اڳ سنڌ جي وڏي وزير آبپاشي کاتي طرفان ٻوڏ جي پاڻي جي صورتحال ۽ ان جي نيڪال بابت ڏنل بريفنگ ۾ اھو خطرو ڏيکاريو ھو تھ جيڪڏھن پاڻي نيڪال نھ ٿيو تھ خوراڪ جو بحران ٿي سگھي ٿو.اھو خطرو تھ چيٽ جي فصل نھ ٿيڻ جي امڪانن جي ڪري ڏيکاريو پئي ويو پر ھن وقت تھ اھي خبرون اچي رھيون آھن تھ ھن سال جيڪا سرڪار ڪڻڪ خريد ڪئي ھئي اھي برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ خراب ٿي وئي آھي جيڪا سراسر خوراڪ کاتي جي نااھلي ظاھر ڪري ٿي. خبر آھي تھ تازين برساتن ۾ وفاقي اداري پاسڪو جي9 ارب رپين جي  خيرپور ۽ حيدرآباد  وارن گودامن ۾ رکيل 52 هزار 714 ٽن ڪڻڪ  ۽ سنڌ خوراڪ کاتي جي 12 ضلعن جي گودامن ۾ رکيل 42 هزار 800 ٽن ڪڻڪ خراب ٿي آھي،سنڌ خوراڪ کاتي جي خراب ٿيل انهي ڪڻڪ جي ماليت 3 ارب 37  ڪروڙ ماليت ٻڌائي  وئي آهي، جڏهن ته پاسڪو کي ملائڻ بعد نقصان جو ڪا ٿو 9 ارب رپيا  ٿئي ٿو.ھن وقت سڄي سنڌ ۾ اٽو 120 رپين کان 130 رپيا ڪلو تي وڪامي رھيو آھي جڏھن تھ سرڪار ان جو اگھھ 65 رپيا  ڪلو مقرر ڪيو ھو پر ان تي عمل نھ ٿو ٿئي ۽ ڪٿي بھ انھي اگھھ تي اٽو نھ ٿو ملي. جيڪڏھن ايندڙ ڏينھن ۾ چيٽ جو فصل بھ نھ ٿيو ۽ سنڌ سرڪار وٽ پيل ڪڻڪ بھ خراب ٿي وئي آھي تھ پوءِ سنڌ ۾ ڪڻڪ شايد افغانستان وانگر ملڻ مشڪل ٿي وڃي، افغانستان تھ پھاڙي ملڪ آھي پر جيڪڏھن سنڌ جھڙي زرعي صوبي ۾ بھ ڪڻڪ ۽اٽو اڻ لڀ ٿي وڃي تھ ان کان وڏي بدقسمتي ۽ نااھلي ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي.ايئن بھ ناھي تھ ڪو اھي برساتون اوچتو آيون ھيون جو ڪڻڪ خراب ٿي وئي انھن جي تھ اڳواٽ آگاھي موسميات کاتي ڏئي ڇڏي ھئي تھ پوءِ خوراڪ کاتي خريد ڪيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ احتياطي اپاءُ ڇو نھ ورتا يا وري برساتن جو بھانو بڻائي ڪڻڪ ۾ ڪيل ڪرپشن لڪائي پئي وڃي، جيئن اڳ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا ھئا ايئن ئي ھي ڪڻڪ ڪامورا کائي ويا ۽ ان کي برسات ۾ لڪايو پيو وڃي.

اسان سمجھون ٿا تھ ڇا بھ ٿيو ھجي پر ڪڻڪ جي خراب ٿيڻ سان سنڌ ۾ خوراڪ جي اھڙي بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو ٿي پيو آھي جو ماڻھن کي کائڻ لاءِ اٽو بھ نھ ملندو جيڪڏھن ڪٿي اٽو موجود بھ ھوندو تھ ان جو اگھھ ايترو ٿي ويندو جو اھو عام ماڻھو خريد ڪرڻ کان ئي قاصر ھوندو.تنھن ڪري سنڌ سرڪار ڪڻڪ خراب ٿيڻ جي معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏئي ۽ ترت زرعي زمين مان پاڻي جي نيڪالي جو بندوبست ڪرائي تھ جيئن چيٽ جو فصل ٿي سگھي ۽ ڪڻڪ جي کوٽ کان بچي سگھجي.