اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا لڳ درگاهه نانڪ يوسف جو رهواسي پورهيت ٽريڪٽر جي شافٽ ۾ ڦاسي فوت ٿي ويو. تفصيل موجب اڳڙا لڳ درگاهه نانڪ يوسف جو رهواسي پورهيت پيرسن پورهيت منٺار ڀنڀرو ڪمند جي فصل کي پاڻي پيارڻ دوران ٽريڪٽر جي شافٽ ۾ وچڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. مرحوم پورهيت منٺار ڀنڀري کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. پورهيت جي فوت ٿيڻ جي خبر تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. پورهيت منٺار ڀنڀرو مقامي زميندار مزمل انڙ جي زمين تي ڪم ڪندو هو. گذريل ڏينهن ڪمند جي فصل کي پاڻي ڏيندي شافٽ ۾ وچڙي  فوت ٿي ويو. مرحوم جي مڙهه کي  اباڻي قبرستان درگاھ نانڪ يوسف ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.