اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا جي ڳوٺ محمد عارف ڪلهوڙو جي رهواسين جو  ٻن نوجوانن جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، خيرپور پوليس خلاف نعريبازي. تفصيل موجب اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عارف ڪلهوڙو جي رهواسين اڳڙا پريس پهچي محمد ملوڪ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته جتوئي ڌر جا هٿياربند لطيف جتوئي، يونس جتوئي، امداد ۽ ڊيگاڻو جتوئي ڀتو نه ڏيڻ تان اسان جي ٻن نوجوانن شهمير علي ۽ محمد عمر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود هن مهل تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. جوابدار احتجاج ڪرڻ تي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. جيڪڏهن ٻيهر رتوڇاڻ ٿي ته ان جو ذميوار ايس ايس پي خيرپور هوندو. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪئي ته ٻٽي قتل ڪيس جي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.