اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا ڀرسان ڳوٺ هارون ڪلهوڙو جي رهواسي ٻن ڌرين زميني تڪرار تان ڇڪتاڻ وڌي وئي، شرپسندن مشتاق ڪلهوڙي جي گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب اڳڙا ڀرسان ڳوٺ محمد هارون ڪلهوڙو جي رهواسي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان گذريل رات هٿياربندن مشتاق ڪلهوڙو جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. متاثر گهر ڌڻي مشتاق ڪلهوڙي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جو زمين تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جو راڄوڻي فيصلو به ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه ڪيس هلندڙ آھي، ان باوجود به بااثر علي خان ڪلهوڙي پيسا ڏئي والد شھزادو کي لاڪپ ڪرائي  ڇڏيو آهي. گذريل رات جوابدار گارگند بعد گهر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا.  جوابدارن مان خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپورکي اپيل ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.