اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا لڳ ڳوٺ مهروواهڻ ۾ رياض علي ڪٽپر جي گهر کي باھ وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ 4 ڍور سڙي  مري ويا، 5 جانور زخمي ٿي پيا. ڳوٺاڻن باھ پنهنجي مدد پاڻ تحت وسائي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. باھ متاثرن جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي ويو آهي. يوسي يا ٽائون ۾ فائر برگيڊ جي سهولت هجي ها ته ايڏو نقصان نه ٿئي ها. هنن دانهيندي چيو ته چونڊيل نمائندا صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن. ڏکئي وقت ۾ ڪڏهن لڙي نه آيا آهن.