اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا لڳ نئون ڳوٺ پٺاڻو جو رهواسي ناليواري زميندار تنوير احمد پٺاڻ ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. تفصيل موجب اڳڙا لڳ نئون ڳوٺ پٺاڻو جو مشهور زميندار ۽ ليبر ڊائريڪٽر  لالا اصغر خان پٺاڻ جو وڏو ڀاءُ تنوير حسين پٺاڻ ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. مرحوم گهر کان لاڙڪاڻي طرف وڃي رهيو هو ته مهتاڻي لڳ ڳوٺ الهورايو بهليم ويجهو سندس ڪار تيز رفتاري سبب ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي ونئڻن جي فصل ۾ ڪلٽي ٿي پئي. علائقي واسين زخميءَ کي گاڏيءَ مان ڪڍي وارثن کي اطلاع ڏنو. يوسي منور آباد جو چيئرمين منور پٺاڻ زخمي کي کڻائي گمس اسپتال گمبٽ پهچايو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. مرحوم جي موت جي خبر پوندي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.