اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ طرفان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

0
794
اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ طرفان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

لاھور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران محمد حفيظ چيو آهي ته خواهش هئي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وِننگ ٽيم جو حصو ٿيان

ھن چيو تھ محنت ۽ ڪوشش باوجود ائين نه ٿي سگهيو، ڪڏهن به پي سي بي سان ناراضگي جو اظهار نه ڪيو اٿم، محمد حفيظ 18 سالن جي ڪيريئر ۾ 55 ٽيسٽ ۽ 218 ون ڊي مئچز کيڏيون

هن چيو ته هن هميشه فخر سان پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ مان نوجوان ڪرڪيٽرن کي اهو به چوڻ چاهيان ٿو ته هو جڏهن به پاڪستان لاءِ کيڏن ته فخر سان کيڏن ۽ ان کي اعزاز سمجهن

ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي قومي ڪرڪيٽر چيو ته مان ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو حصو بڻجڻ چاهيان ٿو، سخت محنت ۽ ڪوشش ڪئي پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو جيڪو افسوسناڪ آهي

محمد حفيظ 17 آڪٽوبر 1980ع تي سرگوڌا ۾ اکيون کوليون، 3 اپريل 2003ع تي شارجه ۾ زمبابوي خلاف پنهنجي پهرين ون ڊي کيڏي، هن پنهنجي ٽيسٽ ڊيبيو ان سال آگسٽ ۾ نيشنل اسٽيڊيم اچي ۾ ڪيو ۽ 28 آگسٽ 2006ع تي برسٽل ۾ کيڏيو، محمد حفيظ به ان ٽيم جو حصو هو جڏهن پاڪستان انگلينڊ خلاف انضمام الحق جي قيادت ۾ پنهنجي پهرين انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي کيڏي هئي