اڳوڻي ڊي آءِ جي بلوچستان شھيد عبدالعزيز بلو جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي ڪنهن گرفتار ڪيو؟؟

0
1051

جيڪب آباد (ن پ ا) اڳوڻي ڊي آءِ جي بلوچستان شھيد عبدالعزيز بلو جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي ڪنهن گرفتار ڪيو، اهو معاملو اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي. سي ٽي ڊي نصير آباد ھڪ ڏينھن اڳ جوابدار بخت جکراڻي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي. جيڪب آباد جي سي آءِ اي پوليس اڄ جوابدار جي گرفتاري جيڪب آباد کان ظاهر ڪري ڇڏي آهي. سي ٽي ڊي بلوچستان جوابدار کي اڳوڻي ڊي آءِ جي عبدالعزيز بلو جي قتل ڪيس ۾ گرفتاري جي دعويٰ ڪئي ھئي. جيڪب آباد پوليس جوابدار کي قتل، پوليس مقابلن سميت 15 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گھربل ۽ 10 لک انعام يافته ظاهر ڪيو آهي. سي آءِ اي پوليس جوابدار تي ڊي آءِ جي بلوچستان جي قتل جو الزام به نه لڳايو آهي. جوابدار بخت جکراڻي کي ڪنهن ۽ ڪٿي گرفتار ڪيو ،معاملو ڳجهارت بڻيل آهي. جيڪب آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار بخت جکراڻي کي اڄ اسان ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو آهي جوابدار تي 10 لک انعام ۽ 17 ڪيسن ۾ گهربل ڏوھاري آهي.