ميرپورخاص (رپورٽر) اڳوڻي وڪيل امان الله سومرو پاران سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ميڊم شگفته اي ڪاڪا جي ڪردارڪشي وارا ڪتاب ورھائڻ خلاف مٿس ڪيس داخل، گرفتاري جا اطلاع، ايس ايچ او سنڌڙي غازي خان راڄڙ جاچ آفيسر مقرر، ڪجهه ڏينھن اڳ اڳوڻي وڪيل امان الله سومرو 31 پيجز تي مشتمل ڪتاب سيشن ڪورٽ ۾ ورھايا، جنھن ڪتاب جي فرنٽ پيج تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج معزز جج صاحبه شگفته اي ڪاڪا جي تصوير ۽ سندس خلاف نازيبا لفظ لکيل ھئا، جنھن تي سندس ڪردارڪشي ٿي، جنھن بعد معزز جج جي ڀاڻيجي ثاقب علي ڪاڪا جي فرياد تي امان الله سومرو خلاف دھشگردي جي قلمن تحت ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ فريادي ثاقب علي ڪاڪا ڄاڻايو آھي ته امان الله سومري سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ميڊم شگفته اي ڪاڪا جيڪا منھنجي ماسي آھي، خلاف ڪردارڪشي لاءِ 31 پيجز تي مشتمل بڪ ليٽ سيشن ڪورٽ ۾ ورھايا ھئا، جنھن جي فرنٽ پيج تي جج صاحبه جي تصوير ۽ سندس خلاف گٿا لفظ ۽ کيس بدنام ڪرڻ لاءِ مخلتف الزام لڳائي سندس عزت ۽ نفس مجروح ڪئي وئي آھي، جنھن سان سندس دل آزاري ٿي، سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ميرپورخاص پاران جاچ ايس ايچ او سنڌڙي جي حوالي ڪري ڇڏي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او سنڌڙي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ مون کي ڪالهه ڏني وئي آھي، جنھن جي جاچ جاري آھي ۽ امان الله سومرو کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏھن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته امان الله سومرو کي گرفتار ڪيو ويو آھي.