ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر جي گھر مان چوري، پوليس اڳوڻي پوليس آفيسر کي پٽ ۽ ننهن سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ڊفينس فيز 6 ۾ جوابدارن اڳوڻي ميئر  وسيم اختر جي گھر مان سون جون چوڙيون، ڊائمنڊ سيٽ ۽ هڪ لک چوري ڪيا، واردات بعد گھريلو ملازم دنيش به گم ٿي ويو . پوليس موجب گھريلو ملازم خلاف درخشان ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن بعد پوليس جاچ شروع ڪئي. پوليس موجب جوابدارن سون وڪڻي گاڏي خريد ڪئي، پوليس موجب چوري ۾ ملوث اڳوڻي پوليس آفيسر عطاءَ الله، سندس پٽ ۽ ننهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،