حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سومرا برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي اوطاق مان مالهي عثمان سومري جي گولي لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي تي انصاف نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. ممتاز سومرو، طيب سومرو، يوسف سومرو، احمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي. هنن چيو ته 15 آڪٽوبر 2021ع تي مبينا طور مالهي عثمان سومرو کي مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي قتل ڪيو جيڪي اڃا تائين پوليس جي پڪڙ کان آجا آهن. هنن چيو ته سومرا برادري جي نوجوانن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري 16 ڄڻن کي جيل اماڻيو ويو آهي جيڪا ساڻن ناانصافي آهي ڇاڪاڻ ته نوجوان به سندن قتل ٿيو ۽ جيل ۾ به نوجوان جو والد ۽ ٻيا مائٽ قيد آهن. مظاهرين چيو ته ڪيس جي جاچ سراج لاشاري ڪئي هئي جنهن تي کين ڪو به اعتماد نه آهي ان ڪري هاڻي اها جاچ ٻيهر ايماندار آفيسر کان ڪرائي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي جڏهن ته سومرا ڌر جي 16 ماڻهن کي آزاد ڪري مٿن ڪيس ختم ڪيا وڃن.