اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پاران شاھنواز ڏاھاڻي جي تعريف

0
556

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پي ايس ايل ۾ شاندار ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ لاڙڪاڻو واسي شاهنواز ڏاهاڻي جي هر هنڌ هاڪ، اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر به شاهنواز ڏاهاڻي جي تعريف ڪرڻ بنا نه رهي سگهيو، شعيب اختر پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي ايڏي تي زبردست بالنگ ڪئي جو مزو اچي ويو، ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙو رانديگر ڏٺو اٿم، جنهن جو ايٽيٽيوڊ زبردست هو، شاهنواز ڏاهاڻي جي ڪلاس کي پهرين نه کيڏايو ويو، پوءِ به هُن همت نه ڇڏي، ڪرڪيٽ ۾ سنڌ جو هڪ بهترين شهزادو نروار ٿيو آهي، اُن کي ڏسي بي انتها خوشي ٿي.