اڳوڻي آرمي چيف جو جنگي تيارين بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: ترجمان جي وضاحت

0
87
اڳوڻي آرمي چيف جو جنگي تيارين بابت بيان
اڳوڻي آرمي چيف جو جنگي تيارين بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: ترجمان جي وضاحت

اڳوڻي آرمي چيف جو جنگي تيارين بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، پاڪ فوج ڌرتي ماءَ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج جي جنگي تيارين بابت ميڊيا ۾ بحث سامهون آيو

ترجمان موجب اهي بحث اڳوڻي آرمي چيف جي انٽرويو جي تناظر ۾ ٿيا، پاڪ فوج پنهنجي آپريشنل تيارين ۽ انتهائي جنگي قابليت تي فخر ڪيو آهي ۽ ڪندي رهندي

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج هٿيارن، سامان ۽ جنگي وسيلن سان ڀرپور هيومن رسورس سدائين تيار رکيو آهي