اڳوڻو چيف عدالتن ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي !؟

0
386
لاهور جي تخت تي ڪير ويهندو؟

مريم نواز هن ڀيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سامهون پريس ڪانفرنس ڪرڻ بدران مسلم ليگ نواز جي آفيس ۾ پهچي نه رڳو ڊگهي پريس ڪانفرنس ڪئي پر پاڻ سان گڏ نواز ليگ جا اهي مرڪزي اڳواڻ به پريس ڪانفرنس ۾ ويهاريا جن خلاف ڪيس عدالتن ۾ نه رڳو هلي رهيا آهن پر اهي شاهد خاقان عباسي يا راڻا ثناءُ الله جيل به ڀوڳي چڪا آهن. مريم نواز پاڻ به پنهنجي پوري خاندان نوازشريف هجي، يا شهباز شريف ايتري قدر جو حمزه شهباز تائين به جيل ياترا ڪري آيا آهن.

تنهن ڪري هن اچڻ شرط ئي چيو ته جيڪڏهن ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم نواز شريف عدالت اچي سگهي ٿو ته پوءِ اڳوڻو چيف جسٽس ڇو نه ٿو اچي سگهي؟ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جنهن جي حوالي سان گذريل ڪجهه ڏينهن تائين سوشل ميڊيا تي سوال اٿندا رهيا ته ڊيم فنڊ گڏ ڪرڻ کانپوءِ  ڪٿي غائب آهي؟ اهي اڳوڻا چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ هفتي اندر نه رڳو منظر تي اچي ويا آهن پر بقول مريم نواز جي ته الزام ته ثاقب نثار تي آهن پر وضاحتون ۽ ترديدون وفاقي وزير ڏئي رهيا آهن. مريم نواز چواڻي ته وفاقي وزيرن کي اڳوڻي چيف جسٽس جي نه پر پنهنجي پريشاني آهي.

 چيف واري ڳالهه تي ياد آيو ته جڏهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڊي جي آءِ ايس آءِ سان گڏجي پارلياماني قومي سلامتي ڪاميٽي ۾ آيو هو تڏهن مولانا غفور حيدري کيس چيو ته پنهنجي دوست عمران خان کي به آڻيو ها جنهن تي آرمي چيف چيو ته هو اسان جو چيف آهي. عمران خان جيڪو ڪنهن به اهڙي ملاقات ۾ شريڪ ٿيڻ کان هميشه انڪاري رهيو آهي جنهن ۾ مخالف ڌر وارا شريڪ هجن پر ساڳئي وزيراعظم کي سپريم ڪورٽ تازو اڌ ڪلاڪ اندر حاضر ٿيو جو حڪم به جاري ڪيو هو.

وزيراعظم عمران خان اڌ ڪلاڪ اندر سپريم ڪورٽ ۾ حاضر به ٿيو. جڏهن ته ساڳي ڪورٽ اندر سپريم ڪورٽ جو ئي جج قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خاندان سميت حاضريون ڀريندا رهن ٿا. مون کي اهي ڏينهن به ياد آهن جڏهن يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ روز جي بنياد تي سياستدان عدالتن ۾ حاضري لڳائيندا هئا تڏهن سندس وڪيل هميشه اهو سوال اٿاريندا هئا ته هميشه سويلين سياستدانن تي ڪيس هليا آهن جڏهن پرويز مشرف کي عدالت طلب ڪيو هو تڏهن هو عدالت ايندي ايندي ايترو بيمار ٿي پيو  جو کيس راولپنڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. نه رڳو اهو پر پرويز مشرف خلاف جڏهن مقامي عدالت سخت ترين فيصلو ڏيندي ڊي چوڪ تي لڙڪائڻ جو فيصلو ڏنو هو ته اسٽيبلشيمنٽ طرفان به اهڙو ردعمل آيو هو جو هر پاسي چيو پئي ويو ته چيف چيف هجي ٿو.

ان ڪري جڏهن مريم نواز پريس ڪانفرنس ڪري رهي هئي ته سوالن جي صورت ۾ کيس چيو پئي ويو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس کي طلب ڪيو وڃي. هونئن ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طلب ڪري ورتو آهي جنهن به اڳوڻي چيف جسٽس تي الزام مڙهيا آهن، تنهن ڪري مريم نواز انهي منطق وارا سوال اٿاري رهي آهي ته هينئر اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي جيڪي الزام لڳي رهيا آهن اهي جڊيشري جي اندر جا ڪردار آهن. راڻا شميم هجي، شوڪت صديقي هجي اهي ته حال حيات ويٺا آهن انهن کان ڇو نه ٿو پڇيو وڃي ته هي ڳالهيون غلط آهن يا درست آهن؟ جيتوڻيڪ ملڪ جي چيف جسٽس لاهور ۾ عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ چئي چڪو آهي ته عدليا تي ڪو به دٻاءُ نه آهي. عدالتون آزاد فيصلا ڪري رهيون آهن.

چيف جسٽس صاحب علي احمد ڪرد کي مشورو ڏنو ته اهي قوم کي گمراهه نه ڪن پر ساڳي ڪانفرنسن ۾ نواز شريف جي نه رڳو تقرير دوران تارون ڪٽجي ويون پر ساڳيو نواز شريف سالن کان سوال ڪري رهيو آهي ته “مجهي ڪيون نڪالا.” هينئر مريم نواز سوال ڪري رهي  آهي ته نواز شريف خلاف عدالت ڌر بڻجي نه رڳو نيب کي ڪيس موڪليو پر اهڙي ڪيس دوران نگراني لاءِ جج به مقرر ڪيو ويو. سندس چواڻي ته نواز شريرف ۽ عمران خان ڪيس ۾ ٻٽو معيار ڇو رکيو ويو.؟ جيتوڻيڪ ساڳي نوعيت جا الزام مريم نواز جنرل فيض حميد تي به مڙهيا آهن پر هن وقت اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار رٽائر ٿي چڪو آهي جڏهن ته جنرل فيض حميد هاڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ناهي پر ڪور ڪمانڊر پشاور آهن انهي ڪري هڪ پاسي موجوده چيف جسٽس صاحب چون ٿا ته عدليا تي ڪو به دٻاءُ نه آهي ته ٻئي پاسي مريم نواز کان به سوال ٿين ٿا ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي اچڻ کانپوءِ ڪا تبديلي آئي آهي؟ مريم نواز فردن جي ڳالهه ڪري ٿي سندس چوڻ آهي ته ادارا اسان جا آهن انهن ۾ محب وطن ماڻهو ويٺا آهن انهن ادارن کي به گهرجي ته اهي فردن جو بار نه کڻن.

هونئن ته اهو سوال مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي اٿاريندو رهيو آهي ته ادارا نيوٽرل ٿي وڃن ته اسان ڄاڻون عمران ڄاڻي، پر مريم نواز جو مطالبو مولانا واري مطالبي جي مٿين سطح آهي، جتي معاملو عمران خان جو نه پر انهن ادارن جي اڳوڻن چيف صاحبان جو آهي. هينئر ته بحث انهي ڳالهه تي ٿي رهيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان منسوب آڊيو ليڪس ٿيون آهن اهي اصلي آهن يا نقلي، هتي اليڪشن ڪميشن به هڪ آئيني ادارو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر به اداري جو چيف آهي ان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي نه رڳو پارليامينت جي ڪاميٽين ۾ ايئن اچڻو پيو آهي جيئن هينئر پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي نيب چيئرمين جي پيش ٿيڻ جون تاريخون ڏئي رهي آهي.

اهڙن اجلاسن ۾ وفاقي وزير  اعظم سواتي هجي يا وري فواد چوڌري اهي اليڪشن ڪميشن وارن کي جهنم سان تعبير ٿا ڪن انهن کي باهه ڏيڻ جون نه رڳو ڳالهيون ڪن ٿا پر بعد ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف پريس ڪانفرنس به ڪن ٿا پر جڏهن اليڪشن ڪميشن نوٽيس اماڻي ٿو ته فواد چوڌري ايئن به نه ٿو چوي ته آڊيو نقلي آهي ايڊٽ ٿيل آهي يا منهنجو آواز ئي نه آهي پر چوي  ٿو ته آواز به منهنجو آهي بيان به منهنجو آهي پر مان حڪومت جو مائوٿ پيس آهيان پاڻ وڪيل آهيان اليڪشن ڪميشن کان معذرت ٿو ڪريان. ساڳئي فواد چوڌري مريم نواز جي انهي اعتراف ته هن ڪجهه چئنلس کي اشتهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي تي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

فواد چوڌري واري ڪاميٽي کان اڳ ئي ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب وضاحتي بيان جاري ڪيو ته مريم نواز پارٽي اشتهارن جي ڳالهه ڪري رهي هئي پر هتي ته شوڪت صديقي جهڙا جج هينئر تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. پنهنجي ڪيل ڳالهه تي قائم رهندي تڪڙي ٻڌڻي هلائڻ جون اپيلون ڪري رهيا آهن. سندس چواڻي ته پگهار به بند لڳي پئي آهي هڪڙي پاسي شوڪت صديقي جي ٻڌڻي نه پئي ٿئي ته ٻئي پاسي تڪڙي انصاف جون ڳالهيون به ٿين پيون.

اهو بلڪل ايئن آهي جو نيب جي ريفرنس تي حڪومت وارا به پريشان آهن ته انهن جا فيصلا ڇو سامهون نه پيا اچن.؟ ملڪ جي مخالف ڌر جيل ڀوڳي چڪي آهي اڳوڻو برگيڊيئر اسد منير خودڪشي ڪري چڪو آهي پر نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال هينئر ئي پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته اسان جي آفيسرن خلاف ڪي ثبوت آهن ته کڻي اچو ٻن ڏينهن اندر انصاف ٿي ويندو. ان نيب چيئرمين جي سامهون سياستدان ساڳيو سوال ڪري رهيا آهن ته اسان خلاف آهن ته ثبوت سامهون آڻيو. سينيٽر سليم مانڊوي والا ته نيب چيئرمين کي سينيٽ گهرائڻ جي جدوجهد ڪندو رهيو آهي جنهن کي سينيٽ چيئرمين اهو مشورو ڏنو ته معاملي کي چئمبر ۾ حل ڪريو.

جيتوڻيڪ هي سوشل ميڊيا جو جهان آهي ڪابه ڳالهه لکي نه ٿي سگهجي پر حيرت ان ڳالهه تي آهي ته هي جيڪي ليڪس سامهون اچي رهيون آهن اهي سوشل ميڊيا کان به اڳ جون ليڪس آهن. هي ڊان ليڪس کان به گهڻو مٿي جو معاملو آهي ان ڪري ئي مريم نواز چوي ٿي ته جيڪڏهن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي تقريرن کي ايڊٽ ڪري هلايو ويو آهي ته اهي ثاقب نثار جون تقريرون سامهون آڻيو جيڪي هينئر تائين ٻڌيون ناهن ويون. انهي ڪري مريم نواز اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نوازشريف پيش ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻو چيف جسٽس ڇو نه ٿو پيش ٿي سگهي؟