بدين (رپورٽر) پيپلز پارٽي جو پراڻو ۽ وفادار شخصيت اڳوڻو صوبائي وزير سينٽر ڊاڪٽر سڪندرمنڌرو 80 سالن جي ڄمار ۾ اڄ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو آھي. پيپلز پارٽي جو جھونو اڳواڻ 1967ع  ۾ شھيد ذولفقار ڀٽو سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ 2022ع تائين ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي هليو ۽ ڏکين ڏينھن ۾ به گڏ بيٺو رهيو. اڳوڻو صوبائي وزير ۽ موجوده سينٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ڪجھه عرصي کان آمريڪا ۾ گڙدن جي ڪينسر جي علاج ڪرائي رھيو ھو. سندس وارثن موجب پاڻ گھڻي وقت کان وينٽي ليٽر تي ھو، جنھن جي وفات ڪري وڃڻ جي وارثن فدا منڌروتصديق ڪئي آھي، سينٽرڊاڪٽر سڪندر منڌرو پوئيرن ۾ ھڪ گھر واري ڊاڪٽر خالده منڌرو، ھڪ پٽ ذڪريا منڌرو۽ھڪ ڌئ اميما منڌرو سوڳوارڇڏيا آھن. ڊاڪٽر سڪندر منڌرو پيپلز پارٽي جو اھو  واحد جيالو آھي جيڪو شروع کان وٺي اخر تائين پارٽي سان گڏ بيٺل رھيو، شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ محترم شھيد بينظير ڀٽو جڏھن به بدين ايندا ھئا ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو وٽ رھندا ھئا. ڀٽو فيملي پاران کيس تمام ويجھو رکيو ويو ھو ۽ کيس وڏي عزت ۽ احترام واري نگاھ سان ڏٺو ويندو ھو. ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جنرل ضياء ۽جنرل مشرف جي دورن سميت ڪيترن ئي مارشلا توڙي ڏکين دورن ۾ به پ پ جو ساٿ نه ڇڏيو ھميشاپارٽي سان گڏبيٺل رھيو ۽ تمام گھڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ٻه ڀيرا صوبائي وزير ۽ ھن وقت سينٽر ھو، کيس اباڻي ڳوٺ متارو منڌرو بدين ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو،  مڙھ ڏيهه پھچڻ ۾ ٽي کان چار ڏينھن لڳي سگھن ٿا.ھوڏانھن بدين ضلع جي سياسي اڳواڻن وزير اعلئ سنڌ جي اسپيشل صلاحڪار پير نورلله قريشي، ايم پي اي بدين حاجي تاج محمد ملاح، پ پ ضلع صدر حاجي رمضان چانڊيو، حاجي شيرجمالي ۽ بدين جي سياسي سماجي اڳواڻن واپارين شھرين صحافين شاعرن اديبن ۽ شھرين گھري ڏک جو پڻ اظھار ڪيو آھي، ٻئي پاسي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وفات تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو پارٽي جو بهترين اثاثو ۽ ثابت قدم ڪارڪن هو، پ پ پ قيادت ۽ ڪارڪن ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ليپئ سينيٽ ۾ قائد ايوان اعظم نذير تارڙ چيو  آهي ته سڪندر منڌرو هڪ سينيئر سياستدان هو، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم، سينيٽر سليم مانڊوي والا، وفاقي وزير شيري رحمان به ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.