اڳوڻو ايس ايڇ او ڪنور سنگ ضمانت رد ٿيڻ بعد ميرپورخاص جي عدالت مان گرفتار

0
283
اڳوڻو ايس ايڇ او ڪنور سنگ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) اڳوڻو ايس ايڇ او ڪنور سنگ جي ضمانت رد ٿيڻ بعد ميرپورخاص جي عدالت مان پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو، ڪجھ عرصو پهرين اينٽي نارڪوٽيڪس فورس پاران اڳوڻي ايس ايڇ او ڪنورسنگ جي گهر تي ڇاپو هڻي 02 ارب روپين جي منشيات هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.

منشيات ڪيس داخل ٿيڻ بعد اينٽي نارڪوٽيڪس فورس پاران اڳوڻي ايس ايڇ او ڪنور سنگ تي مني لانڊرنگ جو پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو هو ڪنور سنگ عبوري ضمانت تي آزاد هو، اڳوڻو ايس ايڇ او اڄ ميرپورخاص جي عدالت ۾ ضمانت پڪي ڪرائڻ لاءٌ پهتو ته عدالت پاران ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد ٽائون پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.