اڳوڻو آمر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو

0
274

دبئي: اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سفارتي ذريعن مشرف جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي

پرويز مشرف ڪافي عرصي کان دبئي جي آمريڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هُن دم ڏنو، مشرف جي گهرواري به اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،

اڳوڻو صدر پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو، هو 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

جنرل (ر) پرويز مشرف 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو، 12 آڪٽوبر 1999ع تي هو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هٽائي چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ هڪ ريفرنڊم ذريعي پاڪستان جو باقاعده صدر ٿي ويو

2004ع ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي پرويز مشرف کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو، پرويز مشرف 18 آگسٽ 2008ع تي استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويو