ڪراچي: ايف آءِ اي سنڌ طرفان ايف آءِ اي (اميگريشن) اسلام آباد  کي خط لکي نوشهري فيروز ۽ مٽياري جي اڳوڻن ڊي سيز تاشفين عالم ۽ عدنان رشيد، نيو سعيد آباد جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر منصور عباسي،  سنڌ بينڪ جي برانچ مينيجر مير محمد سهاڳ جا نالا پي اين آءِ ايل يا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي . خط ۾ ڄاڻايو ويو ته مٽياري ۾ موٽروي لاءِ زمين جي خريداري ۾ 2370 ملين جي ڪرپشن جا اطلاع آهن، ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل طرفان ڄاڻايل معاملي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي،انهي ڪري جوابدارن جا نالا پي اين آءِ ايل يا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن ته جيئن اهي پرڏيهه فرار نه ٿي سگهن. واضح رهي ته نوشهروفيروز جو اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم 19 نومبر تي پرڏيهه فرار ٿي چڪو آهي