اسلام آباد  (م ڊ) فيصل واوڊا چيو آهي ته صدر عارف علوي عمران خان جي پٺ ۾ خنجر هڻي رهيو آهي، اهو ورهين تائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته جيڪي پارٽي ڇڏي رهيا آهن اهي پهرين صدر عارف علويءَ سان ملاقات ڪري رهيا آهن. هن الزام هنيو ته پارٽي اڳواڻن کي تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو ايوان صدر مان چيو پيو وڃي، پارٽي ڇڏيندڙ اڳ ۾ صدر سان ملاقات ڪندا آهن، عارف علوي پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ اهو ڪري رهيو آهي ۽ چوندو آهي ته وڃو عمران خان خلاف پريس ڪانفرنس ڪيو. ٻئي پاسي ايوان صدر اهڙي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي ذريعن موجب صدر هر ماڻهو سان خير سگالي سان ملندو آهي، فيصل واوڊا جي ڳالهين ۾ ڪا سچائي ڪونهي.