ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم خان سواتي چيو آهي ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ( ڀارت ) جي معيشت 5 ٽرلين تي پهچي وئي آهي،  اسين ڪٿي بيٺل آهيون؟ ڪالهه مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فوجي سربراهه قانون جي تابع ٿين ته سياستدانن کي طاقت ملي ويندي، هن چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ مون تي داخل  ڪيسن توڙي عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي کي به معاف ڪري ڇڏينداسين،  ارشد شريف جي بهادر ماءُ  کي به قائل ڪنداسين ته هوءِ به قاتلن کي معاف ڪري،