ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ايڪشن اسٽار اڪشي ڪمار فلم ۾ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ کان صاف انڪار ڪندو رهيو آهي.بالي ووڊ ۾ پاڪستان – ڀارت لاڳاپن تي فلمون ٺهنديون رهنديون آهن ۽ انهن ۾ گهڻي ڀاڱي پاڪستان مخالف سرگرميون ڏيکاريون وينديون آهن پر تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اداڪار اڪشي ڪمار فلمن ۾ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هونئن ته اڪشي ڪمار حب الوطني تي ٻڌل فلمون ٺاهڻ لاءِ سنجيده آهي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي فلمون ڪري به چڪو آهي پر فلم ”اب تمهاري حوالي وطن ساٿيو“ ۾ نه رڳو هن پاڪستان خلاف نامناسب ٻولي ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو هو پر ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن اسڪرپٽ مان پاڪستان مخالف لفظ ختم نه ڪيا ويا ته فلم ڇڏي ڏيندس.