اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان سرڪاري هاءِ  اسڪول ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن پاران سهولتون نه ملڻ خلاف اڪري وايا لاکاروڊ لنڪ روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي صغير شر، نابين علي مراد شر، حافظ منور ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪوبه سرڪاري عملدار سار لهڻ وارو ناهي،  امداد به من پسند ماڻهن ۾ ورهايو پيو وڃي، 20 ڏينهن کان کاڌ خوراڪ نه پئي ملي، عورتون ۽ ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، مليريا ۽ گيسٽرو جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، علاج جون سهولتون به ناهن،  بي يارو مددگار بڻيل آهيون، نوٽيس وٺي واهر ڪري علاج ڪرايو وڃي.