اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ڳوٺ غلام حسين شر واسي روڊتي بيٺل ٻن ٻارن مٿان تيز رفتار ٽرڪ چڙهي ويئي، چوٿين درجي ۾ پڙهندڙ 8 سال جو الف الدين ۽ 9 سال جو سميع الله شر شديد زخمي ٿي پيا، جن کي اتي موجود ماڻهن اڪري جي خانگي اسپتال پهچايو، جتي زخمي ٻارڙن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو، 8 سال جو الف الدين شر پٽ سومر شر نوابشاھ نيئندي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، سميع الله شر جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين نوابشاھ اسپتال نيو ويو، الف الدين فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، حادثي جو شڪار ٻارڙا پيڊل سائيڪل تي تفريح لاءِ نڪتا هئا، سائيڪل پنچر هجڻ سبب روڊ جي سائيڊ ۾ ٽائر ۾ هوا ڀري رهيا هئا ته حادثي جو شڪارٿي ويا، ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.