اڪري چودڳي: قديم شهر ليلا جا آتڻ سار نه لهڻ سبب ميسارجڻ لڳو

0
600

اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان آثار قديمه جي تباھ ٿيل شهر ( ليلا جا آتڻ) جا سار نه لهڻ سبب نشان ميسارجڻ لڳا. خيرپور ۽ نوشهري ضلعي جي حدن ۾ قائم ٻن ميلن کان به وڌيڪ ايراضي ۾ ٺڪراٺو آهي، جنهن کي( ليلا جا آتڻ) طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته رهواسين موجب 250 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي دڙي تي مشتمل هئي پر هينئر 10 ايڪڙ به ناهي. ليلا جي آتڻ آثار قديمه جي آس پاس جي اوڀر ۽ڏکڻ طرف بااثرن قبضا ڪري ورتا آهن. هن دڙي مان هٿ آيل ڪجھه ٺڪريون ۽ٺڪر جون مورتيون سنڌالاجي ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهن. ذريعن موجب هن دڙي کي برهمڻ آباد جي نالي سان سڏيو ويندو هو، آثار قديمه کاتي پاران سار نه لهڻ سبب هن تاريخي ليلا جي آتڻن جي ميسارجڻ جو خطرو آهي.