اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳيءَ ڀرسان ڳوٺ جعفر خان جلالاڻي واسي عبدالرسول خاصخيلي ٻنيءَ  ۾ ڪم ڪندي فوت ٿي ويو. وارثن موجب فوتي عبدالرسول کي دل جي بيماري ۽ مرگهيءَ جو عارضو به هو، زمين تي گاھ ڪرڻ ويل هو. واپسيءَ ۾ دير تي ٻنيءَ تي پهتاسين ته پاڻيءَ جي دٻي ڀرسان مئل حالت ۾ هٿ آيو.