اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ جهانيان آباد واسي عورت مسمات الهه جوائي لاشاري کي پوليس ست مهينا گذرڻ کان پوءِ به بازياب نه ڪرائي سگهي. وارثن پريس ڪلب اڪري چودڳي اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، الهه جوائي لاشاري جي وارثن مڙس محمد پريل، ڌيئر حسينه، امينه، معشوق لاشاري، جميلان اسماءَ، ايمڻا، جاويد، عرض محمد لاشاري ۽ معصوم ٻارن سميت 15 ڄڻن بک هڙتال تي ويهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هنن ٻڌايو ته مسمات الهه جوائيءَ کي پسند پرڻي جي پلاند ۾ ست مهينا اڳ ٻن ٻارن سميت اغوا ڪيو ويو هو. وارثن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته الهه جوائيءَ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.