اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ويجهو ڌيءَ سميت  پراسرار نموني گم ٿي ويل عورت جي مائٽن پاران مظاهرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڳوٺ کنياري مان ٽي ڏينهن اڳ پياري چاڪراڻي 7 ورهين جي ڌيءَ سورٺ سميت پراسرار نموني گم ٿي وئي جنهن جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي. عورت جي مائٽن چاڪر خان، ڀاڳيو، اسحاق، آصف، صابر ، شاهنواز، زهره، رشيده، جنت، سڪينه  چاڪراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نياڻي پياري معصوم ڌيءَ سورٺ سميت گم آهي جنهن جو ٿاڻي تي اطلاع به ڏنو پر ڪا داد رسي نه  پئي ڪئي وڃي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي گم ٿي ويل ناري ۽ سندس ڌيءَ جي ڳولا ۾مدد ڪئي وڃي.