اڪري چودڳي (رپورٽ: ساگر امير حيدر) سنڌ حڪومت جون تعليمي ايمرجنسي واريون دعوائون ڌوڙ، اڪري چودڳي ڀرسان اسڪول عمارت کي چاپڙ ڪِرڻ بعد تالو لڳي ويو، ٻيهر مرمت نه ٿي سگهي. ٻارڙا پنجن سالن کان اوطاق جي ڪکائين ڇپري هيٺ ويهي پڙهڻ تي مجبور، ٻارڙا بجلي، پاڻي، واش روم جي سهولتن کان محروم، ڇپري هيٺ علم پرائيندڙ شاگرد ۽ استاد پريشان، لکت ۾ شڪايتن ۽  اسڪول جو معائنو ڪرائڻ باوجود کڙتيل نه نڪتو، شاگردن ۽ والدين جو احتجاج. تفصيل موجب صوبي اندر تعليمي ايمرجنسي واريون سنڌ حڪومت جون دعوائون سکڻيون دعوائون ثابت ٿيون آهن. اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ انب فقير مڱڻهار ۾ بوائز پرائمري اسڪول شاھ لطيف 2017 ۾ ڪلاس هلندي چاپڙ ڪِرڻ بعد 5 سالن کان بند پيل آهي. ڄاڻايل واقعي ۾ ڪجهه شاگرد زخمي پڻ ٿيا هئا. عمارت انتهائي زبون ٿيڻ کان پوءِ جاني نقصان جي خدشي سبب استادن ۽ڳوٺاڻن جي مشوري سان ٻارن اوطاق جي ڪکائين ڇپري هيٺ پڙهائڻ شروع ڪيو ويو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. جڏهن پنج سال گذرڻ باوجود اسڪول جي مرمت نه ٿي سگهي آهي.  ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن استاد علم الدين مڱڻهار،ڳوٺاڻن محمد خاصخيلي، حاجي خان، صداقت مڱڻهار شاگردن ۽ شاگردياڻين سان احتجاج ڪندي دانهيو ته اسڪول جي زبون حالي بابت ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي کي لکت شڪايتون ڪيون. ان کان علاوه عمارت جو معائنو پڻ ڪرايو پر ايڏو عرصو گذرڻ باوجود اسڪول جي مرمت نه ٿي سگهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل اسڪول جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي.