اڪري چودڳي (ن پ ا) يوسي اڪري چودڳيءَ جي برسات متاثر علائقن مان موت جو راڪاس نه ٽريو، ٿڌ ۽ نمونيا وگهي معصوم نينگري فوت ٿي وئي. يو سي اڪريءَ ۾ گذريل چئن مهينن دوران مختلف بيمارين وگهي فوتين جوانگ 39 ٿي ويو. تفصيل موجب يوسي اڪري چودڳيءَ جي ڳوٺ محمد خان شر واسي غلام اصغر شر جي پنجن ورهين جي نينگري ياسمين نمونيا وگهي مقامي اسپتال ۾ دم ڏنو. فوتي نينگريءَ جو خاندان برساتن دوران گهر ڊهي وڃڻ سبب ڪکائون گهر اڏي ويٺل آهي. ٻارڙيءَ جي والد غلام اصغر موجب ڪکائين اجهي ۾ ڌيءَ کي ٿڌ لڳي ويئي، جنهن بعد کيس خانگي اسپتال داخل ڪرايو پر علاج دوران نياڻي فوت ٿي وئي. گذريل پنجن مهينن کان عارضي اجهي ۾ ترسيل آهيون. ٿڌ کان بچاءُجو مناسب بندوبست نه هجڻ سبب معصوم ڌيءُ اجل جو شڪار ٿي ويئي.