اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو رد ڪندي ان کي  اعليٰ عدالتن ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد عمر فيصلي  بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ پاران فيصلو بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي پي ڊي ايم جو ذيلي ادارو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ان فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويندو. هن چيو ته 2 مختلف پيٽيشنز داخل ڪيون وينديون

هڪ توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪئي ويندي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪم باوجود پي ڊي ايم جي ذيلي اداري اليڪشن ڪميشن صرف پي ٽي آءِ بابت فيصلو ڏنو آهي، پر پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جو فيصلو ناهي ڪيو، ٻي پٽيشن هن فيصلي کي چيلنج ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته فيصلي ۾ قانون جون خاميون موجود آهن، ان ۾ حقيقتن جون به خاميون آهن. فيصلي تي اسد عمر چيو ته کودا پهاڙ نڪلا چوها وو ڀي مصنوعي، هن چيو ته ڪوشش ته گهڻي ڪئي وئي پر پابندي لڳائڻ جي همت ته اليڪشن ڪميشن کي به نه ٿي

اليڪشن ڪميشن 2 مهينن ۾ پي ٽي آءِ خلاف 8 فيصلا ڏنا، جن کي عدالتن رد ڪيو، اليڪشن ڪميشن ڌر آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب تجويز ڏني ته عالمي اڪائونٽنٽس کڻي اچون ٿا پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين جي اڪائونٽس جي اسڪروٽني ڪن، اليڪشن ڪميشن مٿان طنز ڪندي هن چيو ته ناصر حسين جي گهرواري هندو آهي، اهو فنڊ ڏئي ٿو ته اهو پابندي پيل فنڊ ۾ شامل آهي، اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي فنڊز ۽ اڪائونٽس جي ڪهڙي خبر، عارف نقوي اڪائونٽنٽ چيو ته سڀ ٺيڪ آهي عمران خان صحيح ڪري ڇڏي، بي نامي اڪائونٽس قانوني ثابت ڪنداسين، اصل فيصلو عوام جو هوندو، تحريڪ انصاف لاءِ اها فنڊنگ اوورسيز پاڪستانين جي آهي، اڳتي به فنڊنگ لاءِ اوورسيز تي ڀاڙينداسين.

 پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سوڌو پارٽي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل لاءِ پي ٽي آءِ تي پابندي سميت ٽن آپشنز تي به غور ڪيو پيو وڃي. مليل اطلاعن موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت به تحريڪ انصاف خلاف متحرڪ ٿي وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا عمران خان سوڌو تحريڪ انصاف جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، اڳوڻي گورنر ڪي پي شاهه فرمان، احد رشيد، ثمر علي خان، سيما ضيا، نجيب هارون، جهانگير رحمان، خالد مسعود ۽ ظفر الله خٽڪ جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿيڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف تي پابندي سميت مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ ٽن آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پهريون آپشن اهو آهي ته آئين جي آرٽيڪل (3) 17 موجب پي ٽي آءِ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ موڪليو وڃي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت وٽ ٻيو آپشن اهو آهي ته پي ٽي آءِ کي فارن ايڊڊ سياسي جماعت ڊڪليئر ڪري ڪم اڳتي وڌايو و ڃي، حنيف عباسي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حلفي بيان کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان مشروط ڪيو هو. اعظم نذير تارڙ چيو ته ٽيون آپشن اهو آهي ته ڪوڙي حلفي بيان تي ڪارروائي لاءِ سڌي ريت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي

هوڏانهن وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي فل ڪورٽ لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ آئيني اداري عمران خان کي چور ۽ جعلساز ڊڪليئر ڪيو معاملو وفاقي حڪومت وٽ ايندو ته قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. سينيٽر مصدق ملڪ چيو ته 351 غيرملڪي ڪمپنين کان فنڊ وٺندڙ امپورٽڊ آهي يا اسان؟ عمران خان ڪاغذ لوڏيندي چيو هو ته سڀ سياسي پارٽيون ايجنٽ آهن، ايجنٽ اهي پارٽيون آهن يا غيرملڪي فنڊ وٺڻ وارو؟ 16 اڪائونٽ لڪائڻ وارو اڃا به صادق ۽ امين آهي، عمران خان 250 ارب جو پلاٽ ۽ 300 ارب جي بجلي نقوي کي تحفي ۾ ڏني، هاڻ عدالتي فيصلا عوام جي عدالت ۾ اچي ويا آهن، فيصلا عوام ڪندو، هن چيو ته ايجنٽ اهو اهي جنهن ورشا لوٿرا کان پئسا ورتا، جنهن روميتا شيٽي کان پئسا ورتا، جنهن ليسا ايس ۽ ٻين کان پئسا ورتا، اهي ڪير آهن؟ اهي ساهيوال ۾ رهن ٿا؟ پشاور يا پنجاب جا شهري آهن؟ روميتا شيٽي کان پئسا وٺندڙ شخص اسان کي چئي رهيو هو ته اسان ايجنٽ آهيون. وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عدالت مان به اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رهيو ته پوءِ پي ٽي آءِ جو باب بند ٿي ويندو