ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ اهڙي عجيب مڇي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جيڪا ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏي ٿي. اها مڇي مشهور روسي مهاڻي فيدورتسو پڪڙي هئي جنهن جي وڊيو هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪئي آهي. هن مڇي کي ناروي جي کليل سمنڊ ۾ سفر دوران مڇي جي شڪار دوران شڪارين پڪڙيو هو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن مڇيءَ جون اکيون ٻاهران نڪري رهيون آهن ۽ ان جون اکيون ڪافي وڏيون آهن. مڇيءَ جي وڊيو تي واهپيدارن طرفان مختلف تبصرا ملي رهيا آهن، ڪجهه ان کي خوفناڪ قرار ڏنو ۽ ڪجهه هن مڇي جي اکين ۽ وات تي تبصرو ڪيو.