لندن (انٽرسٽنگ نيوز) انگلينڊ ۾ هڪ جھاز جي پائليٽ ساٿي پائلٽ کي دل جو دورو پوڻ تي ان کي ڀوڳ سمجهي جهاز اڏائيندو رهيو. ان ڏس ۾ هڪ نئين سيفٽي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هڪ پائلٽ پنهنجي ساٿي جي دل جي دوري سبب موت باوجود جهاز اڏائيندو رهيو ۽ هو سمجهي رهيو هو ته اهو ڀوڳ ڪري رهيو آهي. پائليٽ سمجهندو رهيو ته سندس ساٿي ڊرامو ڪري رهيو آهي پر کيس خبر تڏهن پئي جڏهن جهاز جي لينڊنگ ٿي. انگلينڊ جي شهر ۾ واقعي جي جاچ ڪئي وئي جنهن بعد سندس پتو پيو ته همراهه جي طبي حالت ٺيڪ نه هئي. رپورٽ موجب جيئرو بچي ويل پائليٽ قابل هو ۽ جهاز کي حفاظت سان لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.