اڏيرولال(ن پ ا): تعلقي مٽياري جي مختلف يونين ڪائونسلن جي ڳوٺاڻن لياقت ميرجت، وڏيرو سڪندر ساهووال، مير نصرالله عاقلاڻي، بالو ساهووال, صفدر عاقلاڻي، عالم بالادي، محمد شريف جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڳوٺاڻن چيو ته تپيدار تعلقي مٽياري جي يونين ڪائونسلن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري ڪري رهيو آهي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته  تپيدار الاھي بخش ڀيو برسات متاثرن جو سڀ مال ھڙپ ڪري ويو آهي ۽ من پسند ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي. ھنن چيو  ته برسات کي ٽي مھينا گذري ويا آهن پر اسان کي رڳو ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن. ھنن چيو ته ڊي سي جو من پسند تپيدار الاھي بخش ڀيو پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي تيل، مشينون ۽ راشن ڏئي رھيو آهي. ھنن ته ھن وقت به تعلقي مٽياري جي مختلف يونين ڪائونسلن جي ڪافي ڳوٺن ۽ زمينن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي، کوڙ ڀيرا ڊي سي مٽياري کي دانھيو ويو آھي پر ڊي سي مٽياري جواز ڄاڻائي بھانا ڪري رھيو آھي. ھنن چيو ته اڳ ۾ به نيشنل ھاء وي تي ڌرڻو ڏئي بند ڪيو ھو ۽ اتي به ڊي سي واعدو ڪري ويو ھو ته جلد پاڻي نيڪال ڪرايو ويندو پر ان واعدي تي اڄ تائين ڪو به عمل نه ٿيو آھي. تپيدار ڊي سي سياسي ماڻهو بڻجي ويو آهي، جنهن کي حڪمران پارٽي جي هڪ ڌڙي يرغمال بڻائي ورتو آهي، اهو ڌڙو جيئن تپيدار کي چوي ٿو ايئن ڪري ٿو. هنن چيو ته هن وقت به هزارين ماڻهو روڊن، واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تي بي يارومددگار ويٺل آهن، اتي به ڪنهن به برسات متاثر کي امداد نه ملي آهي. هنن چيو ته ٽي مهينا گذرڻ باوجود يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن ۽ يوسي عرضي هڪڙا ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، سياري جي موسم اچي آهي، برسات متاثر ان ڪري به سخت پريشان ٿي ويا آهن. ھنن چيو ته مسئلا حل نه ٿيا ته 27 آڪٽوبر تي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا مٽياري ۽ تپيدار الاھي بخش ڀيو خلاف 71 موري تي پر امن احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.